سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ اندر سرڪاري ادارن ۽ ٻين هنڌ تي نالا رکڻ ۽ رکيل من پسند نالا هٽائڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ چيف سيڪريٽري جي نگراني ۾ صوبائي سيڪريٽريز، وي سيز ۽ شاعرن، اديبن ۽ ساڃاهه وندن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. پير عبدالقادر شاهه جيلاني جو گمبٽ انسٽيٽيوٽ تي نالو رکڻ ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۽ چوراهن تان سردارن، وڏيرن ۽ خانن جا نالا هٽائڻ واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته راڻيپور واري پير جي چوڻ تي جنهن جو وڻي نالو رکي ڇڏيندا. دنيا ۾ ادارن تي نالا ائين ناهن رکيا ويندا جيئن هتي رکيا ويا آهن، طاقتور ماڻهو جڏهن هوش وڃائي ويهن ٿا تڏهن عدالت مجبورن ڳالهائي پئي ۽ قدم کڻي ٿي. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته وڏا ماڻهو پنهنجا نالا رکڻ کانپوءِ زالن جا نالا لکرائن پيا، جيڪي لکين روپيا خرچ ڪن پيا اهي پنهنجا نالا نه پيا لکرائن، جيڪي هڪ روپيو به خرچ پنهنجي کيسي مان نٿا ڪن اهي نالا لکرائن پيا. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته نسيم فاروقي جو ڪهڙي خدمت هئي جو ان جي نالي سان اوور هيڊ برج آهي پر شيخ اياز جي نالي سان ڪراچي ۾ ڪو هنڌ ناهي، ڇا ڪراچي سنڌ ناهي، انتظاميه طرفان شهيد نذير عباسي ۽ ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل جو نالا لکيا وڃن. عدالت سرڪاري ادارن ۽ ٻين هنڌن تان من پسند نالا هٽائڻ ۽ ٻيا نالا رکڻ بابت چيف سيڪريٽري جي نگراني ۾ صوبائي سيڪريٽرين،  يونيورسٽيز جي وي سيز، اديبن شاعرن ۽ ساڃاهه وندن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.