حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو چيف ريجن جي مختلف سب ڊويزنن تي مقرر 12 ايس ڊي اوز جون مقرريون ۽ بدليون ڪري ڇڏيون آهن. نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته سب ڊويزن ڄامشورو مان ايس ڊي او گل رحمان کي بدلي ڪري ايس ڊي او هيرآباد، هيرآباد مان ايس ڊي او نعمت الله ساند کي بدلي ڪري ڀٽ شاهه، مٺي جي ايس ڊي او راجا رب کي بدلي ڪري گاڏي کاتي جو ايس ڊي او مقرر ڪيو ويو آهي. ساڳئي ريت ايم اينڊ ٽي روٽري سيل مان قائم مقام ايس ڊي او منظور الاهي کي بدلي ڪري کيس قائم مقام ايس ڊي او آپريشن سب ڊويزن علامه اقبال مقرر ڪيو ويو آهي. سرفراز سب ڊويزن جي ايس ڊي او محمد اويس ميمڻ کي بدلي ڪري حالي روڊ سب ڊويزن ۾ ايس ڊي او مقرر ڪيو ويو. ايل ايس ون قائم مقام ايس ڊي او حالي روڊ عزيز گوپانگ کي بدلي ڪري نئين جوڙيل سب ڊويزن حسين آباد جو ايس ڊي او مقرر ڪيو ويو آهي. اي ايس ون رضوي سب ڊويزن مان شجاع الدين کي بدلي ڪري ايس ڊي او قائم مقام سب ڊويزن ڪوهسار مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت علامه اقبال سب ڊويزن جي ايس ڊي او صلاح الدين شيخ کي ايس ڊي او ڪينٽ، ايس ڊي او ٽي ايل سب ڊويزن 3 خالد حسين شاهه کي ايس ڊي او سب ڊويزن مٺي، گاڏي کاتي مان ايس ڊي او طاهر حبيب کي بدلي ڪري ايس ڊي او سرفراز ڪالوني ۽ سب ڊويزن حيسڪو ڀٽ شاهه مان غياث الدين شيخ کي بدلي ڪري سب ڊويزن حيسڪو سٽي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي.