عمران خان جي گرفتاري جا امڪان: اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور پهچي وئي

0
140

لاهور: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي توشه خانه ڪيس ۾ گرفتاري جا امڪان آهن، اسلام آباد پوليس گرفتاري وارنٽ کڻي زمان پارڪ لاهور پهچي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور پوليس جي مدد سان اسلام آباد پوليس سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، اي ايس پي اسلام آباد جي اڳواڻي ۾ پوليس طرفان زمان پارڪ جي انتظاميا سان ڳالهيون جاري آهن

عمران خان جي امڪاني گرفتاري جو اطلاع ملندي ئي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن زمان پارڪ پهچي ويا، اسلام آباد جي مقامي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا

هي به پڙهندا

وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي اتفاق سان رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد نيب چيئرمين مقرر