وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي اتفاق سان رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد نيب چيئرمين مقرر

0
120

وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ ملاقات، خالي پيل نيب چيئرمين جي عهدي تي ليفٽيننٽ جنرل رٽائر نذير احمد کي مقرر ڪرڻ تي اتفاق بعد نئين نيب چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري، پي ٽي آءِ نيب چيئرمين جي مقرري کي غيرقانوني عمل قرار ڏئي ڇڏيو

تفصيل موجب ڪالھه وزير اعظم شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچم ملاقات ٿي، ملاقات ۾ نيب چيئرمين جي خالي پيل عهدي تي مقرري بابت مشاورت ڪئي وئي جنهن بعد ٻنهي اڳواڻن ليفٽينٽ جنرل رٽائر نذير احمد کي نيب چيئرمين جي عهدي تي مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ، جنهن بعد نيب چيئرمين جي عهدي تي مقرري جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا کي سمري سرڪيوليشن ذريعي موڪلي وئي ڪابينا سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪابينا جي منظوري بعد نئين نيب چيرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آھي ته وزير اعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچم ٿيل اتفاق سان ليفٽينٽ جنرل رٽائر نذير احمد کي نيب چيئرمين مقرر ڪجي ٿو، نئون نيب چيئرمين جي مقرري ٽن سالن تائين جي عرصي لاءِ هوندي

ياد رهي ته آفتاب سلطان ڪنهن جي دٻاءُ ۾ ڪم کان انڪار ڪندي 15 فيبروري 2023 تي نيب چيئرمين جي عهدي تان استعيفا ڏني هئي جنهن کي وزير اعظم 23 فيبروري تي منظور ڪري ورتو هيو، هوڏانهن تحريڪ انصاف جي نائب صدر فواد چوڌري چيو آھي ته نيب چيئرمين جي مقرري تڪراري آھي

عدالت تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي استعفائن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري چڪي آھي ۽ شاهه محمود قريشي کي تحريڪ انصاف اپوزيشن ليڊر جي عهدي تي نامزد ڪري چڪي آھي ان پسمنظر ۾ نيب چيئرمين جي مقرري ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي مشاورت جو عمل قانوني اعتبار سان نه ٿيو آھي

نوٽ: هي خبر اڄ جي پنهنجي اخبار ۾ لڳي

هي به پڙهندا

وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو