لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي کي هٿڪڙيون لڳائي لاهور جي ڪينٽ ڪچهري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
پوليس طرفان فواد چوڌري کي اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي،عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي
"میں نے بغاوت کی ہے، پاکستان کی 22. کروڑ عوام کو بھی ۔۔" فواد چوہدری کو کینٹ کچہری پیش کردیا گیا ۔ کارکنوں کی جانب سے فواد چوہدری پر پھولوں کی پتیاں نچھاور#fawadchaudhary pic.twitter.com/ELv3RhMb5P
— Siasat.pk (@siasatpk) January 25, 2023
فواد چوڌري جي وڪيل طرفان راهداري رمانڊ تي اعتراض ڪيو ويو هو، عدالت پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو، فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو
وڪيل چيو ته هي هڪ ڏينهن جو رمانڊ وٺي فواد چوڌري کي ڪنهن ٻئي جاءِ تي کڻي وڃڻ چاهي ٿي، عدالت راهداري رمانڊ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي
فواد چوڌري کي اسلام آباد پوليس سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو هو، گذريل رات ڪوهسار ٿاڻي تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد جي درخواست تي ڪيس داخل به ڪيو ويو
هي به پڙهندا
قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو فيصلو في الحال اڃا نه ڪيو آهي: فواد چوڌري