منهنجي پويان پوليس ايئن لڳائي وئي، ڄڻ ڪو مان جيمز بانڊ هجان: فواد چوڌري

0
189

لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته منهنجي پويان پوليس ايئن لڳائي وئي، ڄڻ ڪو مان جيمز بانڊ هجان، جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو، اِهو مناسب نه هو، مونکي فون ڪري گهرائي وٺن ها، پاڻ ئي پهچي وڃان ها

ڪورٽ ۾ پيشي دوران ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته مون اليڪشن ڪميشن جي باري ۾ جيڪو ڪجهه به ڳالهايو، پورو پاڪستان اُها ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي، مون مٿان جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اُن تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي به اهڙو ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، حماد اظهر، شبلي فراز، فرخ حبيب ۽ ٻين طرفان فواد چوڌري جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي آهي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 شاهه محمود قريشي چيو ته فواد چوڌري کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي؟ خدارا اهڙيون حرڪت بند ڪيو نه ته حالتون ڪنٽرول ۾ نه رهنديون

شيرين مزاري چيو ته ڇا ڪنهن کي منشي سڏڻ گرفتاري جو سبب بڻجي سگهجي ٿو؟ فواد جي گرفتاري شرمناڪ حرڪت آهي، فواد چوڌري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار، عدالت ۾ پيش، راهداري رمانڊ منظور