فواد چوڌري جي گرفتاري بابت سندس گهرواري جو بيان سامهون اچي ويو

0
210

لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري بابت سندس گهرواري حبا فواد جو بيان سامهون اچي ويو جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته اها گرفتاري نه پر اغوا آهي

خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي حبا فواد جو چوڻ هو ته اسان ان کي گرفتاري نه پر اغوا چونداسين، 8 کان 10 پوليس وارا اسان جي گهر جو دروازو کولي اندر داخل ٿيا ۽ فواد کي بنا ڪنهن ايف آءِ آر جي گرفتار ڪيو ويو

هن چيو ته منهنجي گذارش آهي ته امپورٽڊ حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي يا جنهن به فواد چوڌري کي کنڀيو آهي،اسان کي ٻڌايو وڃي ته کيس ڪهڙي رول تحت کنڀيو ويو

هن چيو ته اسان ڪنهن سان به رابطو ناهي ڪيو، فواد جي فون به کڻي ويا آهن، اسان پنجاب جي لاڳاپيل ٿاڻن سان رابطو ڪيو پر ڪو به جواب نه مليو، خبر ناهي ته ڪيڏانهن کڻي ويا آهن

حبا فواد چيو ته هي سراسر اغوا آهي اسان جي گهر ۾ به محفوظ ناهيون، ماڻهو اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان کي کڻي ويندا، هي ڪهڙو ملڪ آهي، هتي ڪهڙو قانون آهي

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان کي گذارش آهي ته ٻڌايو وڃي ته فواد چوڌري کي ڪاڏي وٺي ويا آهن، يا وري هن جي غوا جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار، عدالت ۾ پيش، راهداري رمانڊ منظور