سيمي فائنل: پاڪستان جي شاندار اوپننگ: بابر 53 رنز تي آئوٽ

0
200
ورلڊ ڪپ سيمي فائنل

آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 153 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي

سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 152 رنسون ٺاهيون

15ٽي ٽوئنٽي ميچن کانپوءِ بابر اعظم ۽ محمد رضوان 100 رنسن جي اوپننگ اسٽينڊ فراهم ڪئي، ٻنهي اوپنرز انگلينڊ خلاف هوم سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ سئو رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي هئي، بابر اعظم 53 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو آهي

سیمی فائنل: بابر کے بعد رضوان کے بھی 50 رنز مکمل

نيوزيلينڊ جي اننگز

نيوزيلينڊ اوپنر فن ايلن 4، ڊيون ڪنوي 21، ڪين وليمسن 46، گلين فلپس 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڊيرل مچل 53 ۽ جيمز نيشام 16 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ ٿي ويا، پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 2 ۽ نواز هڪ وڪيٽ ورتي

پاڪستاني ٽيم

سيمي فائنل لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم(ڪپتان) شاداب خان، محمد رضوان، شان مسعود، افتخار احمد، محمد حارث، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف شامل آهن

نيوزيلينڊ ٽيم

نيوزيلينڊ ٽيم ۾ ڪپتان ڪين وليمسن، فن ايلن، ڊيرل مچل، گلين فلپس، ڊيون ڪنوي، ٽرينٽ بولٽ، ٽم سائوٿ، لاڪي فرگوسن، جمي نيشام، مچل سينٽنر ۽ ايش سوڌي شامل آهن

ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هيل تائين 6 ميچون کيڏيون ويون آهن، جن مان پاڪستان 4 ۽ نيوزيلينڊ ٻن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

آخري بال تائين وڙهو: عمران خان جو قومي ٽيم کي مشورو