عمران خان مذهب ڪارڊ کيڏي جمهوريت جي پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏيو: احسن اقبال

0
245

نارووال: وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان مذهب جو ڪارڊ کيڏي ملڪ کي جمهوريت جي پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏيو آهي

ھن چيو تھ منهنجي خلاف به پي ٽي آءِ وارن مذهب ڪارڊ استعمال ڪيو هو، جنھن جي مذمت ڪيان ٿو

نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان مذهبي انتهاپسندي جي باهه کي ڀڙڪايو، هاڻي هو پاڻ ان باهه ۾ سڙڻ وارو آهي

ھن چيو تھ 4 سال اڳ مون تي به حملو ڪرايو ويو پر مون ڪنهن جو به نالو نه کنيو، وزيرآباد واقعي ۾ پي ٽي آءِ بنا ڪنهن ثبوت جي اهم شخصيتن جا نالا کڻي سياسي انتقام وٺڻ چاهي ٿي