ارشد شريف جو موت 2 گوليون لڳڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ زخمن سبب ٿيو: پوسٽ مارٽم رپورٽ

0
197

اسلام آباد: سينيئر صحافي ارشد شريف جو موت 2 گوليون لڳڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ زخمن سبب ٿيو

ڪينيا ۾ قتل ڪيل صحافيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف جي مٿي ۾ کاٻي پاسي کان گولي لڳي جنهن سان دماغ ۾ زخم ٿيو، ٻي گولي کيس چيلهه کان مٿي واري حصي ۾ ساڄي پاسي کان لڳي

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ارشد شريف تي فائر ڪيل ٻي گولي سندس ڦڦڙن کي نقصان پهچايو، ٻئي گوليون وچولي فاصلي تان جديد هٿيار ذريعي فائر ڪيون ويون