ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جوڊيشل مئجسٽريٽن جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سيشن ججن کي ڪيسن جي ٻڌڻين جي حوالي سان اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران جاري خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ جوابدارن جي اعترافي بيانن، شاهدن ۽ متاثرن جي بيانن، سڃاڻپ پريڊ ۽ راھداري ريمانڊ ڏيڻ ۾ ڪيٻائين ٿا، هن خط ۾ هدايت  ڪندي چيو آھي ته  جوابدارن جو اعترافي بيان قانون موجب  بنا دير رڪارڊ ڪيو وڃي، خط ۾ چيو ويو آهي ته سڃاڻپ پريڊ جو عمل به بنا دير مڪمل ڪيو وڃي،  پوليس رپورٽن تي به بنا  دير جي آرڊر ڏنو وڃي، جوڊيشل مئجسٽريٽ روزاني جي بنياد تي ڪيسن جي ڊائري کي اپڊيٽ ڪن،  جڏھن ته سيشن جج پڻ جوڊيشل مئجسٽريٽن جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪن، جيڪو جوڊيشل مئجسٽريٽ ھدايتن تي عمل نه ڪري ته ان بابت ھاءَ ڪورٽ کي آگاھه  ڪيو وڃي.