خيرپور (رپورٽر) پير جو ڳوٺ ڀرسان يونين ڪائونسل هادل شاهه جي برسات متاثرن عورتن ۽ ٻارن کي ساڻ ڪري ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور آڏو مظاهري بعد ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڳوٺاڻن شعيب، شفيع محمد سولنگي، حديث خاتون، نصيب خاتون ۽ ٻين انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل هڪ مهيني کان ڳوٺ ۾ 8 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهيون. ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي پاڻيءَ سميت ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت فراهم نه ڪرڻ سبب ٻارن ٻچن سميت بکون ڪاٽي رهيا آهيون. وبائي بيماريون پکڙجڻ سبب اسان جا معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته کاڌ خوراڪ فراهم ڪري ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.