جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڳوٺ نوازو جاگير واسي ڳوٺاڻن اصغر جمالي، غلام علي جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن   احتجاجي مظاهرو ڪري زيرو پوائنٽ تي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ 3 فوٽ کان مٿي برساتي پاڻي بيٺل آهي برسات کي هڪ مهينو گذري ويو پر پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، اسان کي ٽينٽ مليو نه ئي راشن ڏنو ويو آهي، صرف من پسند ماڻهن کي راشن ڏئي نوازيو پيو وڃي، پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.