ڄام شورو (رپورٽر) سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ جي قومي اداري  سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪشنل هيڊس جي ميٽنگ مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘، چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ صدارت هيٺ ٿي.خبر موجب  سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ سيد سڪندر علي شاهه اداري جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ پبليڪيشن انچارج سان نون ڪتابن  تي هلندڙ  ڪم ۽ ڇپائي لاءِ مليل نون مسودن بابت معلومات ورتي. پبليڪيشن شعبي ۾ رکيل مسودن جي تڪڙي ڇپائي لاءِ انچارج پبليڪيشن آفيسر کي هدايتون ڏنيون. چيئرمين بورڊ مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ پريس مئنيجر کان ڇپائي لاءِ آيل ڪتابن ۽ رسالن بابت ڄاڻ حاصل ڪندي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ چيو ته ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم تيزي سان ڪرڻ ۽ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ  حڪم جاري ڪيا ۽ چيو ته ڪنهن به ڪم ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ بورڊ  جو دورو ڪيو ۽ اداري جي مختلف سيڪشنن جو معائنو ڪيو، اداري جي ڪارڪردگي جو جائزو پڻ ورتو. انهيءَ موقعي تي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ لائبريري پڻ وزٽ ڪيو،