گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي بي سيڪشن پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ سردار ڪورائيءَ جي رهواسي عبدالرشيد ڪورائيءَ کي گهوٽڪي شهر مان گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار مٿان 16 اپريل 2022ع تي پراڻي تڪرار تان قربان علي ڪورائيءَ کي قتل ۽ امتياز علي ڪورائيءَ کي زخمي ڪرڻ جو الزام هو.