هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائي زمبابوي جي آل رائونڊر سڪندر رضا جارحاڻي اننگ کيڏي زمبابوي کي بنگلاديش خلاف 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي ڏياري. پليئر آف دي ميچ قرار. ان سلسلي ۾ زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنز ٺاهيون. ويزلي مڌويري 46 بالن تي 67 ۽ پاڪستاني ڄائي آل رائونڊر سڪندر رضا 26 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 65 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. بنگلاديش جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنز ٺاهي سگهي. سڪندر رضا کي 65 رنز ٺاهڻ ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.