ڪراچي (اسپورٽس نيوز) راشد لطيف پليئنگ اليون جي سليڪشن تي سوال اٿاري ڇڏيو، اڳوڻي ڪپتان چيو آهي ته سريلنڪا جي دوري ۾ پاڪستان وٽ آپشن هئا پر استعمال نه ڪيا ويا. هن چيو ته اظهر علي فارم ۾ نه هو ته شان مسعود کي کيڏايو وڃي ها، سرفراز احمد کي آڻن ها، آپشنز هئا پر استعمال نه ڪيا ويا، پهرين ٽيسٽ جي غلطين مان سبق نه سکيو ويو ۽ ٻي ميچ هارائي ويا. هڪ سوال تي راشد لطيف چيو ته سريلنڪن ڪنڊيشنز ۾ حسن علي جي پليئنگ اليون ۾ جاءِ نه پئي ٺهي، 4 کان 6 اوور ته فهيم اشرف به ڪرائي وٺي ها گڏوگڏ ڪجهه رنز به ٺاهي ها. راشد لطيف چيو ته محمد رضوان ۽ سرفراز احمد ۾ ڀيٽ نه ڪندس، ٻئي پنهنجي جاءِ تي تمام سٺا آهن، ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي ڪنڊيشنز ۾ اسپنرز کي ڪير سٺو کيڏي سگهي ٿو، سريلنڪا ۾ جيڪڏهن ڇهين نمبر تي ڪنهن بيٽر کي آڻڻ هو ته سرفراز احمد اچي سگهي پيو. هڪ سوال تي راشد لطيف چيو ته مونکي لڳي ٿو ته ٽيم جي سليڪشن ۾ سڀني جي مداخلت ٿي رهي آهي.