بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ناري کي مبينا طور هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي لڄالٽ سان گڏ تشدد جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ڳوٺ جمعون واسڻ ناري گهر ڀاتين سان گڏجي دانهيو ته 3ڏينهن اڳ شوڪت نوحاڻي، وسيم نوحاڻي ۽ دودو نوحاڻي هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي يرغمال بڻايو
ناري الزام هنيو ته جوابدار شوڪت نوحاڻي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ وحشياڻو تشدد به ڪيو
ڊي ايس پي جو چوڻ آهي ته متاثر ڌر ٿاڻي تي پهتل آهي، ڪيس داخل ڪرڻ بعد ناري کي ميڊيڪل لاءِ روانو ڪيو ويندو، الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جلد شروع ڪيون وينديون