هٿيارن جي زور تي ناري يرغمال: لڄالٽ ۽ تشدد جو انڪشاف

0
383

بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ناري کي مبينا طور هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي لڄالٽ سان گڏ تشدد جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ڳوٺ جمعون واسڻ ناري گهر ڀاتين سان گڏجي دانهيو ته 3ڏينهن اڳ شوڪت نوحاڻي، وسيم نوحاڻي ۽ دودو نوحاڻي هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي يرغمال بڻايو

ناري الزام هنيو ته  جوابدار شوڪت نوحاڻي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ وحشياڻو تشدد به ڪيو

ڊي ايس پي جو چوڻ آهي ته متاثر ڌر ٿاڻي تي پهتل آهي، ڪيس داخل ڪرڻ بعد ناري کي ميڊيڪل لاءِ روانو ڪيو ويندو، الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جلد شروع ڪيون وينديون