ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ٽائون ڪاميٽي تي پ پ پاران چيئرمين لاءِ نامزد اميدوار سعيد احمد عباسي پاران عباسي هائوس ۾هڪ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پ پ اڳواڻن سميت ڪيترن ئي ورڪرن ۽ حمايتن ڀرپور شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران پ پ جي نامزد اميدوارن جي ورڪ تيز ڪرڻ ۽ کين کٽرائڻ لاءِ ماڻھن سان رابطا ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن مظهر الدين جتوئي، شعيب ڪماريو، نعيم احمد جتوئي، عزيز احمد عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ عوام جي پارٽي آهي جنهن جو منشور ئي عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، اسان جي شهيدن عوام ۾ حق وٺڻ جو شعور پڻ اجاگر ڪيو، انشا الله هن ڀيري به عوام جي طاقت سان سموري سنڌ ۾ پ پ جا اميدوار ئي فتح ماڻيندا.