پرتگال (اسپورٽس نيوز) پرتگال سان تعلق رکندڙ دنيا جي نامياري فٽبالرڪرسٽينو رونالڊو جي پٽ جي وفات کانپوءِ پهريون ڀيرو گهرڀاتين سان گڏ تصوير وائرل ٿي وئي آهي
سڄي دنيا ۾ مقبول فٽبالر ڪرسٽينا رونالڊُ جي ان جي گرل فرينڊ جارجينا روڊريگيز پنهنجي تازي ڄاول ڌيءُ جي موت کان پوءِ مداحن کان ملندڙ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. انسٽاگرام تي رونالڊو ۽ جارجينا پاران شيئر ڪيل تصوير ۾ هنن ٻڌايو ته هو پنهنجي نئين ڄاول ڌيءُ سان گهر موٽي آيا آهن
اسٽار فٽبالر انسٽاگرام تي فيملي فوٽو سان ڪيپشن ۾ لکيو “ جيو (جارجينا) ۽ تازو ڄاول پٽ آخرڪار گهر اچي ويا آهن، توهان جي سهڪار جي ضرورت آهي. رونالڊو اهو به چيو ته “ هاڻي وقت اچي ويو آيه ته اسين هِن نئين مهمان جي لاءِ شڪرگذار ٿيون جنهن جو اسان هن دنيا ۾ آڌرڀاءُ ڪريون ٿا
ياد رهي ته ورلڊ اسٽار ڪرسٽينو رونالڊو ۽ سندس گرل فرينڊ جارجينا روڊريگيز وٽ جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي هئي، جن مان هڪ پٽ ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويوهو