سجاول (رپورٽر) سجاول جي وارڊ نمبر 11۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ 8 مهينن کان پاڻيءَ جي کوٽ، عورتون پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ تي مجبور، پبلڪ هيلٿ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل. سجاول شھر جي وارڊ نمبر11، مصري شاهه پاڙي، هاشم جوڳي پاڙي، الهڏنو ملاح پاڙي ۽ آس پاس جي رهواسين عارب ڦوٽاڻي، عبدالله ڪونجڙو، عزيز ماڇي، عارب ملاح، جاني ڪونجڙو، موسيٰ ملاح، سوناري، حنيفه، راڻي، نظيران ۽ ٻين مٿي تي دلا ۽ مَٽ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. رهواسين جو چوڻ هو ته گذريل 8 مهينن کان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آھيون. عورتون ۽ ٻارن کي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ دربدر ٿيڻو پوي ٿو. رمضان جو ڀلارو مهينو چند ڏينهن بعد شروع ٿي رهيو آهي، اسان وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود پبلڪ هيلٿ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف ايڪشن کڻي پاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.