نواز ليگ جو حڪومتي وزيرن کي شهباز شريف خلاف ثبوت ميڊيا تي آڻڻ جو چئلينج

0
229

لاھور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جو حڪومتي وزيرن کي شهباز شريف خلاف ثبوت ميڊيا تي آڻڻ جو چئلينج، شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري جِي عدالتي حڪم تي تنقيد توهين عدالت قرار، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومتي وزير شهباز شريف خلاف الزامن جا ثبوت ٽي وي چئنلز تي ڏيکارين، 55 واليم هجي يا 55 هزار واليم، هر الزام جو جواب ڏينداسين، نيب شهباز شريف خلاف ڪرپشن ۽ڪِڪ بيڪس جا ڪي به ثبوت آڻي نه سگهيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته شهباز شريف تي لڳل الزامن کي سچ نٿو مڃي سگهجي، نيب چيئرمين آئين ۽ قانون کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي، احسن اقبال، شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته نيب جا الزام الف ليليٰ جي ڪهاڻي کانسواءِ ڪجهه ناهن، لاهور هاءِ ڪورٽ جِي فيصلي تي حڪومتي وزيرن جي تنقيد توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، شهزاداڪبر ۽ فواد چوڌري ڪهڙن بُنيادن تي عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪن ٿا.