سعودي عرب ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ واسي 4 ڄڻن کي موت جي سزا

0
193

سعودي عرب ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ واسي 4 پاڪستاني شهرين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي

 قتل ڪيس ۾ گرفتار گاجي کهاوڙ واسي خالد پتوجو، ميهڙ واسي عبدالغفار ڏيپر، ارشاد ڏيپر ۽ عبدالمجيد مير بحر جا سر قلم ڪيا ويا

 چئني پاڪستاني شهرين تي الزام هو ته هنن 14 سال اڳ بنگلاديشي چوڪيدار انيس ميان کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو هو

 موت جي سزا مليل چئني پاڪستانين جي وارثن پاران ميهڙ ۽ گاجي کهاوڙ ۾ غائباڻي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

 سزا مليل ارشاد ڏيپر جي ڀاءُ بخشل ڏيپر جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ ۽ سئوٽ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو هو، ٻنهي کي موت جي سزا ڏيڻ بعد سندن لاش به اتي دفنايا ويا