پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ڪابينا لاءِ وزيرن جا نالا فائنل ٿي ويا آهن. ذريعن موجب عمران خان ڪابينا لاءِ وزيرن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪي پي جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور سان ملاقات ۾ عمران خان وزيرن جي نالن جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ وزيرن جي حلف برداري اڄ ٿيندي، جنهن ۾ نامزد وزير حلف کڻندا. ذريعن موجب حلف برداري تقريب اڄ شام ساڍي ڇھين وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيندي. ڪابينا ۾ نامزد ميمبرن کي دعوت ناما اماڻيا ويا آهن. تقريب ۾ 120 کان وڌيڪ ماڻهن جي گنجائش هوندي. خيبرپختونخوا جي امڪاني ڪابينا ۾ ظاهر شاهه طورو، عاقب اللاه ۽ مينا خان شامل هوندا، جڏهن ته ارشد ايوب، شڪيل خان، محمد سجڪاد، فضل حڪيم به اڄ وزارتن جو حلف کڻندا. ذريعن موجب امڪاني وزيرن ۾ خليق الرحمان، فضل شڪور به شامل آهن، جڏهن ته .بيسٽر سيف، تيمور جھڳڙا صلاحڪار بڻايا ويندا.