30- سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسين نھ لڳرائيندڙن کي کوڙ ساريون سھولتون نھ ملنديون

0
363
ويڪسين نھ لڳرائيندڙن کي کوڙ ساريون
30- سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسين نھ لڳرائيندڙن کي کوڙ ساريون سھولتون نھ ملنديون

اسلام آباد:  توانائي واري وفاقي وزير حماد اظھر ڪورونا ويڪسينيشن نھ لڳرائيندڙ شھرين کي سھولتن کان محروم رکڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.

ھڪ بيان ۾ حماد اظھر چيو تھ ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ويڪسينيشن لازمي آھي ۽ 30 سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسين نھ لڳرائيندڙن کي کوڙ ساريون سھولتن نھ ملنديون.

ھن چيو تھ ڪورونا وبا سان مقابلو وڏو صبر آزما تجربو آھي، پاڪستاني عوام جرئت ۽ ديلري سان ڪورونا جو مقابلو ڪيو آھي، اسان کي ھن وبا سان جيئڻ سکڻو آھي ۽ شڪست بھ ڏيڻي آھي.

وفاقي وزير اپيل ڪئي آھي تھ عوام ويڪسين جي ٻي ڊوز لڳرائڻ جي لاءِ ڪنھن بھ ميسيج نھ انتظار نھ ڪن.

ويڪسين نھ لڳرائيندڙ ڪھڙين سھولتن کان محروم ٿي سگھن ٿا؟

ياد رھي تھ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) طرفان اعلان ڪيو ويو ھو تھ ويڪسين نھ لڳرائيندڙن تي پھرين آڪٽوبر کان فضائي سفر تي پابندي ھوندي.

انھيءَ کان علاوھ جن ماڻھن ڪورونا ويڪسين نھ لڳرائي آھي اھي شادي جي تقريبن ۽ شاپنگ مالز ۾ بھ نھ وڃي سگھندا.

انھن ماڻھن کي ڊائن ان ۽ ڊائن آئوٽ جي اجازت بھ نھ ھوندي ۽ انھن کي ھوٽل يا گيسٽ ھائوس ۾ رھڻ جي بھ اجازت نھ ھوندي.