گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ ۾ وياج خورن پاران پرائمري اسڪول جي استاد کي کنڀي قيد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گهوٽڪي شهر جي پير محبوب شاهه محلي جي رهواسي  اخلاق احمد ملڪ صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته وياج خورن يعقوب ڪولاچي، سعيد ڪولاچي، معراج ۽ عمران ڪولاچي منهنجي والد پرائمري ٽيچر اشفاق احمد ملڪ کي گهران کنڀي کڻي اوطاق ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. وياج خور سندس والد جي آزاديءَ لاءِ 20 لک رپيا طلب ڪري رهيا آهن. وياج جا پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته سندس کنڀيل والد کي بازياب ڪرايو وڃي.  هوڏانهن الزام هيٺ آيل سعيد احمد ڪولاچي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان اشفاق ملڪ کي ناهي کنڀيو، اسان مٿان وياج جي پئسن جو الزام غلط آهي.