اسان جا هٿ پير ٻڌا ويا ته ٿي سگهي ٿو اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي عوام ڏانهن وڃون: وفاقي گھرو وزير

0
221
اهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي: وفاقي وزير
اهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي: وفاقي وزير

لاھور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ چيو آهي ته اسان جا هٿ پير ٻڌا ويا ته ٿي سگهي ٿو اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي عوام ڏانهن وڃون، اتحادين کي سرپرائيز نه ڏينداسين

لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ چيو ته اتحادي پارٽيز جو فيصلو آهي ته حڪومت پنهنجو مُدو پورو ڪري، وزيراعظم کي هر پاسي کان سپورٽ ملي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهون ٿا، نواز ليگ غريب عوام جي وات مان ماني جو گرهه کسڻ نٿي گهري

جڏھن تھ نواز ليگ اڳواڻ عطاء تارڙ عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کيس خبر ناهي ته نياڻين جو ڏُک ڇا هوندو آهي، هو نامناسب ٻولي ڳالهائي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، لڳي ٿو عمران خان جو پنهنجو تجربو خراب آهي

ھي به پڙھندا

نيب کي جاچ ۾ ڪجهه نه مليو، برطانيا ۾ به بيگناهه ثابت ٿيو آهيان:وزيراعظم