گهوٽڪي: صحافين مٿان تشدد، ايس ايڇ او معطل، ڌرڻو ختم

0
349

گهوٽڪي: ٽائيم نيوز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر برڪت ميراڻي ۽ ٻين صحافين مٿان تشدد واري معاملي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي اي ايس پي ميرپور ماٿيلو احتجاج ڪندڙ صحافين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو خالد ميمڻ کي هٽائي ڇڏيو. صحافين کان ڦر ڪيل موبائيل فون واپس ڪرائي سومر ڏهاڙي تائين انڪوائري ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد صحافين ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.