وفاق، پنجاب ۽ ارسا ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ڪنهن جو حصو نه پر حق ٿا گهرون: سهيل انور سيال

0
326

ڪراچي(اسٽاآف رپورٽر) صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته وفاق، پنجاب ۽ ارسا ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ڪنهن جو حصو نه پر پنهنجو حق ٿا گهرون، پوءِ به سنڌ کي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته ٻين صوبن کي به حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي، ٻين صوبن جي مخالفت نه پيا ڪيون پر اسان سان ناجائزي نه ڪئي وڃي، هن چيو آهي ته پنجاب جو آبپاشي وزير چوي پيو ته ٽي پي لنڪ ڪئنال سنڌ جو حق آھي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪوڙا انگ اکر جاري ڪري سنڌ سان ناانصافي ڪري پئي، سنڌ ۾ کوٽ 37 سيڪڙو آھي ۽ پنجاب جي سنڌ کان تمام کوٽ گهٽ آھي، هن وڌيڪ چيوآهي ته وفاقي وزيرن کي پاڪستان جي جاگرافي جي به خبر ئي ناهي، گڊو بئيراج ۾ جيترو پاڻي اڇي پيو ان جو حساب ڏيڻ بجاءِ ڪوٽڙي بئراج جو حساب ورتو پيو وڃي، پاڻي پنجاب کان اچي پيو ته پوءِ سنڌ ڪيئن پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، هن چيو آهي ته بدين پاڻي لاءِ تڙپي پيو پر فهميده مرزا پنهنجي اندروني مسئلن تي آواز اٿاري رهي آهي، بدين جي عوام جو فهميده مرزا کي درد ناهي، هن چيو ته چانور ۽ ڪپهه جي فصل کي پاڻي گهرجي، ارسا سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته ڪوٽڙي کان پاڻي چوري رهي رهيو آهي، گڊو ۽ تونسا ۾ به پاڻي گهٽ آهي، اسان جو گهٽ پاڻي هنن کي نظر نٿو اچي، هن وڌيڪ چيو آهي ته نيب سکر جي پريس ريليز کان نٿا ڊڄون، زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، مان ڪورٽ ۾ بي گناهي ثابت ڪندس، لڳي ٿو نيب چيئرمين مون کان وڏو ڪم وٺندو..