گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي جي ڪچي ٻنڊي ٽو جي ڪچي واري علائقي ۾ 2 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير جو ڪيس 16جوابدارن مٿان سرڪار جي فريادتي ڪچوٻنڊي ٽو ٿاڻي جي ايس ايچ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ حبيب الله اوڳاهي، رحمان اوڳاهي، يعقوب اوڳاهي،پناهه اوڳائي،اسماعيل اوڳاهي سميت 16ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو ۽ جوابدارن تي پوليس مقابلو، ڊيوٽي اٽڪاءُ، 13 ڊي جا قلم لڳايا ويا آهن، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪچي ۾ پهتي ته ڌاڙيلن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽڪي واسي پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير شهيد ۽ هڪ اهلڪار شاهه پسند مهر زخمي ٿي پيو هو، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رکندي ڏوهارين جا ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل شهيد پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير جي وارثن سان تعذيت ڪئي، تعذيت بعد ايس ايس پي ڳالهائيندي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا 2 نوڪريون ۽ 60 سال تائين فل پگهارو ڏني ويندي.