ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ مارجي ويل جمال الدين معرفاڻي جو قتل ڪيس جهان واهه ٿاڻي تي مقتول جي امڙ مسمات مومل خاتون جي فرياد تي 8 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ غلام نبي، عبدالحق، برڪت، منٺار علي، سهڻو عرف حفيظ، محمد اسحاق، پيارو ۽ ٻيجن کي نامزد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، کين جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.