گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ جي عدالت عورت جو غلط آپريشن ڪرڻ تي ڊاڪٽر فياض راجپوت ۽ اسٽاف جي ٽن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي غلام مرتضيٰ ميتلو جي عدالت ۾ دين محمد گهوٽو جي درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواستگذار جو وڪيل شاهنواز وسير ۽ ڊاڪٽر فياض راجپوت جو وڪيل لياقت ملاڻو عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. عدالت دليل ٻڌڻ بعد عورت سبحانا گهوٽو جو غلط آپريشن ڪرڻ تي ڊاڪٽر فياض راجپوت، ملازمن لطف الله دايو ۽ اسٽاف نرس ڪلثوم دايو مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته ڳوٺ گل محمد گهوٽو جي رهواسي ڳوٺاڻي دين محمد گهوٽو پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪيءَ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته هن جي گهرواري سبحانا گهوٽو جو ڊاڪٽر فياض احمد راجپوت غلط آپريشن ڪيو، جنهن جي علاج تي 15 لک رپيا خرچ اچي چڪو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر فياض راجپوت ٻڌايو ته اصل ۾ درخواستگذار دين محمد گهوٽو مون کي بليڪ ميل ڪري 15لک رپيا وٺڻ چاهي پيو، عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.