ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ڪراچي پوليس ڪانتا  ڪماري قتل ڪيس جو چالان پيش ڪري ڇڏيو، پوليس عدالت کي ٻڌايو ويو ته 4 فيبروري 2020ع تي ڪانتا ڪماري جي شادي آنند اوگا سان ٿي هئي، شادي جي 6 کان 7  مهينن بعد آنند پنهنجي زال ڪانتا ڪماري کي گارگند ڪرڻ شروع ڪئي، جوابدار ڪانتا ڪماري کي پهريان به هڪ ڀيرو منهن تي ويهاڻو رکي قتل جي ڪوشش ڪري چڪو هو، چالان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته 5 جون تي ڪانتا ڪماري جي مڙس آنند مقتوله جي ڀاءُ کي ڪال ڪري ٻڌايو ته توهان جي ڀيڻ خوف منجهان خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، جوابدار ڪانتا جي گهر وارن کي ٻڌايو ته ڪانتا وهنجڻ وئي هئي، ڪافي دير بعد ڏٺو ته هن ڦاهو  کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. چالان ۾عدالت کي ٻڌايو ويو ته  ڪيس ۾ قتل جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، هن وقت آنند عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾آهي.