گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان 10 سالن جو نينگر پرسرار طور گم، وارثن گمشدگيءَ جو اطلاع پوليس کي ڪري ڇڏيو. گهوٽڪي ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عظمت خان ڪولاچي جي رهواسي فاروق احمد ڪولاچي صحافين کي ٻڌايو ته هن جو 10 سالن جو ڀاءُ صفي الله ڪولاچي گذريل ڏينهن کان گهران نڪرڻ بعد پرسرار طور گم ٿي ويو آهي. ڪافي ڳولا باوجود ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن سبب گهرڀاتي سخت پريشان آهن.