شهرين جي ڏاڙهي هجي يا نه هجي، ڪو به اعتراض ناهي: طالبان انچارج

0
273

ڪراچي(م ڊ) طالبان جي مقامي سيڪيورٽي انچارج ملا جمعه چيوآهي ته شهرين تي ڏاڙهي جي پابندي جي حوالي سان قيادت جي طرف کان ڪو به حڪم ناهي مليو. قنڌار ۾ پاڪستان جي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيڪيورٽي انچارج ملا جمع چيو ته چيڪنگ جي دوران شهرين کان مهذب انداز ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نئين انتظاميه شهرين لاءِ قائدا ۽ ضابطا جاري ناهن ڪيا. هن چيو آهي ته تفريحي ماڳن ۾ ماڻهن کي معمول موجب اچڻ جي اجازت آهي، امن امان ۾ خلل وجهڻ ۽ ڏوهاري ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته ٻين علائقن جي هٿياربند طالبان جي غير ضروري گهمڻ تي پابندي آهي ۽ ٻين علائقن جي طالبان جي چيڪنگ ۽ سندون ڏٺيون وڃن ٿيون.

سيڪيورٽي انچارج جو چوڻ هو ته شهرين جي ڏاڙهي هجي يا نه هجي اسان کي ان سان ڪو به غرض نه آهي، شهرين تي ڏاڙهي جي پابندي بابت قيادت جي طرفان ڪوئي حڪم ناهي مليو.واضح رهي ته طالبان آچر جي رات 15 آگسٽ 2021 تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل تي قبضو ڪيو هو جنهن کانپوءِ اتي موجود امريڪي فوجي ۽ افغان صدر اشرف غني سوڌو ڪيترائي حڪومتي عهديدار ملڪ مان فرا ٿي ويا. طالبان پاران ڪابل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ عام معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ عالمي برادري کي پيغام ڏنو ته هو طالبان سان گڏ ڪم ڪن.

 

ھي به پڙھندا

افغانستان مان امڪاني طور ايندڙ پناھگيرن کي پاڪستان ۾ ترسائڻ لاءِ منصوبو تيار