رائونتي (ن پ ا) رائونتي پوليس جي ڄاڻايل زيادتين خلاف عورت پاران سرڪاري ڍڪ اڳيان پَٽ تي ويھي معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ، پوليس تي چوپايو مال ڪاھي وڃڻ جو الزام. خبر موجب ڳوٺ دٻلي جي رهواسڻ مسمات مائي شبيران چاچڙ، زال جمعو چاچڙ رائونتي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ايس ايچ او رائونتي اسان جون 14 مينهون ڪاهي ويو آهي، هاڻي 3 لک رپيا طلب ڪئي پئي وڃي. متاثر عورت وڌيڪ چيو ته منهنجي 9 سالن جي پٽ کي به ايس ايچ او ايوب ڊوگر ٻڌي لاڪپ ڪيو هو، جنهن کي عدالت ڇاپي بعد بازياب ڪرايو. هن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته معاملي جي انڪوائري ڪري مينهون واپس ڏياريون وڃن.