گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويو

0
335

صوبائي وزير ناصر شاهه سان ڳالهين بعد گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويو، ڊاڪٽر محمد خان شر ۽ اعجاز ڪليري جي ڌڙي پاران مطالبا تسليم ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان  ڪيو ويو آھي

ڊاڪٽر محمد خان شر چيو آهي ته اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ جاري رهندو، ڊاڪٽر محبوب نوناري ۽ بشريٰ آرائين جي ڌڙي پاران او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مطالبن تي عملدرآمد ٿيڻ تائين ڪراچي ۾ احتجاجي ڪيمپ ۽ ٽوڪن هڙتال جاري رهندي، صوبائي وزير ناصر شاهه، هيلٿ سيڪريٽري ذوالفقار شاهه ۽ صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو ڪراچي پريس ڪلب پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون

گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ ۾ اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جو اعلان

صوبائي وزير ناصر شاهه هيلٿ رسڪ الائونس کي ڇڏي باقي سمورا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي، ناصر شاهه چيو ته توهان احتجاج ختم ڪريو، توهان جا جائز مسئلا هڪ ٻن ڏينهن ۾ حل ڪنداسين

صوبائي وزير ناصر شاهه مظاهرين سان ڳالهائيندي چيو ته توهان احتجاج ختم ڪريو، رسڪ الائونس کي ڇڏي باقي توهان جا جائز مسئلا هڪ ٻن ڏينهن ۾ حل ڪنداسين