اسلام آباد: سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته جهانگير ترين گروپ هڪ ايس ايچ او جي مار آهي پر اسان اها سياست نٿا ڄاڻون ته پوليس موبائيل موڪليون، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جهانگير ترين عمران خان ناهي چونڊن ۾ عمران خان کي ووٽ مليو، اوقات نه وسارڻ گهرجي. پيءُ کان قد وڏو ٿي وڃي ته پيءُ نٿو سڏي سگهجي. هوڏانهن چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پنجاب ۽ صوبائي وزير ياور بخاري فيصل واوڊا کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي، هن چيو ته واوڊا وات بند رکو، سياست کي ميچوئر ڪريو، جيڪڏهن همٿ آهي ته ايس ايچ او موڪلي ڏيکاريو. هن چيو ته ڀائرن جا اختلاف ٿيندا آهن ايس ايچ او کي گهرائي ٻئي ڀاءُ کي ڏنڊا ناهن هڻايا ويندا.