لاهور: جهانگير ترين گروپ پاران پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر نامزد ٿيل سعيد اڪبر چيو آهي ته اسان جو گروپ اوچتو ناهي ٺهيو ٽن مهينن کان هو، گذريل رات فيصلو ٿيو ته گروپ کي باضابطا ٺاهيو وڃي، نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جون صفتون جهانگير ترين ٻڌايون ته تحريڪ انصاف جوائن ڪئي، هن چيو ته پنجاب ۾ ويٺل ليڊر پنهنجي رويي سان اسان جي گروپ جو رخ موڙي سگهن ٿا.