گرم شربت کي منٽن ۾ ٿڌو ڪندڙ جديد بوتل تيار

0
302

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) جديد ترين مصنوعات جي ساليانه عالمي نمائش ڪنزيومراليڪٽرونس شو) پنهنجي آب تاب سان جاري آهي ۽ ان موقعي تي ميٽرڪس نالي هڪ ڪمپني اهڙي بوتل پيش ڪئي آهي جيڪا پنهنجي اندر رکيل شربت(سافٽ ڊرنڪ وغيره) کي صرف ڪجهه ئي منٽن ۾ ايترو ٿڌو ڪري سگهي ٿي جو ان کي پيئندي ڏند وڄڻ شروع ٿي ويندا آهن.هي بوتل نه پر شربت ٿڌو ڪندڙ هڪ آلو آهي جنهن کي(جونو) جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ايترو ننڍو آهي جو ان کي ميز جي هڪ ڪنڊ ۾ به آساني سان رکي سگهجي ٿو. هي پنهنجي ڊزائين ۾ تمام گهڻو سادو آهي ۽ ان ۾ صرف 2 بٽڻ آهن. هڪ مناسب ٿڌو ڪرڻ جي لاءِ ۽ ٻيو تيز ٿڌو ڪرڻ جي لاءِ هن جي هڪ طرف سنهي ۽ ڊگهي ايل اي ڊي پٽي لڳل آهي جيڪا اندر رکيل شربت جي گرم ٿيڻ تي ڳاڙهي بتي ٻاريندي آهي ۽ جڏهن اهو شربت گهربل حد تائين ٿڌو ٿي ويندو آهي ته ايل اي ڊيز جي روشني بليو ٿي ويندي آهي. هن هيترين ساري خوبين جي باوجود جون مان فائيو اسٽار هوٽل ۽ شربت وڪرو ڪندڙ مهانگيون دڪانون ضرور فائدو کڻي سگهنديون ته جيئن ان جي گراهڪن کي ٿڌين بوتلن جو مزو وٺڻ ۾ وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پوي.