ڪچا بادام گاني کان مشهور کاڄا فروش سان دوکو ٿي ويو

0
844
ڪچا بادام” گاني کان مشهور

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ “ ڪچا بادام” گاني سبب مشهوري ماڻيندڙ کاڄا فروش پورهيت ڀبن بڊياڪر سان دوکو ٿي ويو آهي.  ڀارتي ميڊيا موجب ڀبن بڊياڪر گاني “ڪچا بادام” جا رائٽس چوري ٿيڻ سبب لک پتي مان ڪک پتي ٿي ويو آهي

سوشل ميڊيا تي دوکيبازي بابت ٻڌائيندي ڀبن بڊياڪر جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن ٻڌايو ته گانو وائرل ٿيڻ بعد گھر به ورتو هو، ڪجھه ماڻهن گن پوائنٽ تي سڀ ڪجھه لٽي ورتو

Kacha Badam" by Bhuban Badyakar Transcends Borders

ڀبن ٻڌايو ته اوڀر بنگال جي لڪشمي نارائڻ ۾ نئون گھر خريد ڪيو پر هڪ ڏينهن ستو پيو هئس ته ڪجھه ماڻهو گھر ۾ گھڙي آيا ۽ فون کسي پيسا گھريا، جنهن ڪري مون کي پنهنجو گھر ڇڏي ڀڄڻو پيو