ڪي ايم سي ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڪراچي کي اهڙو بڻايو ويو آهي جو ڌوڙ ۽ مٽي اُڏامي ٿي:چيف جسٽس

0
278
چيف جسٽس جي ڊي جي سي اي اي کي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ ڪنهن زماني ۾ ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي عزت وارا ادارا هوندا هئا، ڪي ايم سي ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڪراچي کي اهڙو بڻايو ويو آهي جو ڌوڙ ۽ مٽي اُڏامي ٿي، نالا ڀريا پيا آهن، سڄي لائينز ايريا ۾ هڪ پرچي تي ذاتي مقصدن لاءِ زمينون وڪرو ڪيون ويون، سپريم ڪورٽ جا ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪي ايم سي پهرين پاڻ فنڊز پيدا ڪندي هئي، ڪي ايم سي جي 80 سيڪڙو ملازمن کي فارغ ڪريو، اُهي ڪوبه ڪم نٿا ڪن، سڄو ڏينهن آفيسر ۾ ويٺا هوندا آهن، ڪراچي ۾ آفت ايندي آهي ته ڪير به نظر ناهي ايندو، گذريل برساتن ۾ اسان اهو ڏسي چڪا آهيون، هاڻي سڀ جڳاڙن ۾ لڳا پيا آهن، ڪراچي ۾ 36 هزار فلاحي پلاٽس تان قبضو ڇڏايو ويندو.