ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ۾ هفتو اڳ ٽنڊو جان محمد شهر جي ديھ 202 ڳوٺ حيدر پنجابي مان مبينا اغوا ٿيل ٻارڙي ڦولي ميگهواڙ جي بازيابي جي لاءِ احتجاج ڪيو ويو. نارائڻ داس، چيلا رام ، وشرام ميگهواڙ، درڳو مالهي، اشوڪ ڪمار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد آڏو پلي ڪارڊ کڻي ٽنڊو جان محمد مان مبينا اغوا ٿيل ڦولي ميگهواڙجي بازيابي جي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته اسان اقليت وارن سان ظلم آھي. اسان جون ناريون اغواٿي رهيون آھين، جيڪو اسان سان ڏاڍ ۽ جبر آھي. هنن اختيارين سان مطالبو ڪيو ته مبينا اغوا ٿيل ڦولي ميگهواڙکي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي ۽ اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.