ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) عورتن جي ترقي واري کاتي جي  صوبائي وزير  سيده شهلا رضا چيو آهي ته عورت  جا زال، ڀيڻ، ڌي ۽ ماءُ جهڙا عظيم روپ آهن، جن جو اسان کي قدر ڪرڻ گهرجي. عورتن کي انصاف ملڻ بنا معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ  مس انجم اقبال جماڻي  ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ  مهيش لال دوداني  ڊسٽرڪٽ آفيسر طارق وحيد گڏاڻي سميت ٻين واسطيدار عملدارن سان  دارالعمان جي نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۽ ڊسٽرڪٽ وومين ڊولپمينٽ آفيس  جو دورو ڪندي ڪيو. هن چيو ته دوري جو مقصد دورو ڪري تعميراتي ڪم  آفيسن جي مسئلن، عملي جي کوٽ گهربل سامان جي پوراءُ سميت ٻين مسئلن کي  حل ڪرڻ آهي. هن وقت ضلعي انتظاميا پاران سيف هائوس هلي رهيو آهي جنهن ۾ وومين ڊولپمينٽ  کاتي جو مڪمل سهڪار شامل آهي.