ڳاڙهو (ن پ ا) ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي ۾ هٿيارن ۽ خطرناڪ منشيات شيشي جو وڪرو ۽ واهپو شروع ٿي ويو، پوليس خاموش تماشائي بڻيل.خبر موجب ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقن ڪيٽي بندر، ساڪرو، ڳاڙهو، ٻگهاڻ ۽ گهوڙا ٻاريءَ ۾ افغانين جون غيرقانوني سرگرميون تيز ٿيڻ کان پوءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خطرناڪ منشيات شيشي جو وڪرو ۽ واهپو به شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته هتان جي نوجوانن ۾ شيشي جهڙي موتمار نشي واپرئڻ جو لاڙو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ٻئي طرف خطرناڪ هٿيارن جي آسانيءَ سان فراهميءَ جي ڪري ڏوهن جي وارداتن ۾پڻ اضافو ٿيو آهي، اهڙي صورتحال باوجود مقامي پوليس۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. ساڃاهه وندن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته ساحلي علائقي ۾ ڌارين جي غيرقانوني سرگرمين ۽ خطرناڪ منشيات جي وڪري ۽ واهپي کي روڪڻ لاءِ آپرشن شروع ڪيو وڃي.