ميهڙ (ن پ ا) سيپڪو ميهڙ طرفان ڪيترائي سال گذرڻ باوجود شهر کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمزور ٿي ويل 11هزار وولٽيج جي تارن کي تبديل ڪري نيون تارون نه لڳائڻ ڪري شهر جي مختلف ڪالونين توڙي بازارن جي گهٽين ۾ 11هزار ووٽيج جون تارون ٽٽي هيٺ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته تارون ٽٽڻ سبب شهر ۾ اڪثر بجلي پند رهي ٿي، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن نياز علي ٻرڙو، رفيق احمد مهيسر، عبدالستار چنا ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ بجلي فراهم ڪندڙ 11 هزار ووٽيج جون لائينون پراڻيون آهن جيڪي هن وقت انتهائي ڪمزور ٿي ويون آهن، هنن چيو ته تارون ٽٽي ڪرڻ سبب جاني نقصان جو خطرو آهي، شڪايتن باوجود سيپڪو عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن مطالبو ڪيو ته تارن جي مرمت ڪرائي جاني نقصان کان بچايو وڃي.