ڄامشورو (رپورٽر) ڪوٽڙي مان گم ٿيل نينگر 10 ڏينهن بعد به نه ملي سگھيو آهي. ان ڏس ۾ ڪوٽڙي شهر جي وڏي آبادي رکندر علائقي خدا جي بستي مان 10 ڏينهن اڳ شيون وڪرو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتل 9 ورهين جو پورهيت ٻار بگن پٽ محرم چانڊيو اڃا تائين واپس گهر نه پهتو آهي، جنهن جي گهر ۾ قهرام متل آهي، وارثن پاران ڳولا باوجود سندس جو ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي، وارثن وسوارن توڙي سياسي سماجي ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته ٻارڙي بگن چانڊيو جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.