چڪ (ن پ ا) چڪ ۾ ڳوٺ بخت جاگيراڻي جي ڳوٺاڻن سکر پوليس پاران نوجوان عبدالرزاق جاگيراڻي کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي قوت علي جاگيراڻي، محرم جاگيراڻي، ساجن جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس ٽن نوجوانن عبدالرزاق جاگيراڻي، ممتاز جاگيراڻي ۽ دائم جاگيراڻي کي سکر پوليس بس ٽرمينل تان سوين ماڻھن اڳيان ڏينهن ڏٺي جو گرفتار ڪيو، جن مان هڪ نوجوان عبدالرزاق جاگيراڻي کي آزاد ڪرڻ جا 5 لک گهريا، هنن چيو ته پئسا نه ڏيڻ تان پوليس نوجوان کي جڙتو مقابلي ۾ ماريو. هنن چيو ته پوليس الٽو اسان خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.