ملڪاڻي شريف )ن پ ا) آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوهه جي داروغي غلام رسول راجپوت ۽ داروغي اعجاز کوسي جي فرياد تي 6 آبادگارن تي پاڻي چوري جا پنگريو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوهه جي جرڪس شاخ جي آبادگار بچل جوڻيجو، غلام نبي پنهور، حنيف پنهور، سوڊو پنهور، پتاشو پنهور، غلام قادر پنهور کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ايس ڊي او آبپاشي ذوالفقار لاشاري ٻڌايو ته پاڻي چورن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو،جرڪس شاخ تي لڳل غيرقانوني واٽرڪورس لٽي ڇڏيا آهن، ڪارروايون جاري رهنديون.